راضي فقير جو رسالو

راضي فقير جو رسالو

راضي فقير جو رسالو

راضي فقير جو رسالو: ’راضي فقير جو رسالو پروفيسر غلام رسول اڪرم سومري ترتيب ڏنو آهي، جنهن کي ميرپور ماٿيلي جي هڪ عقيدتمند عبدالعليم ڪلهوڙي ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. رسالي جو مهاڳ عبدالعليم ڪلهوڙي خود لکيو آهي، جڏهن تـه تـعـارف رسـالــي جـي مـرتـب پـروفيـسـر غلام رسول اڪرم سومري ۽ ٻه اکر پروفيسر بشير احمد شاد جا لکيل آهن. راضي فقير جـو رسـالـو ’سُر يـمـن ڪـلـيـاڻ‘ (6 داسـتان)، ’سُر سريراڳ‘ (2 داستان)، ’سُر سهڻي‘ (5 داستان)، ’سـر سـارنـگ‘ (3 داسـتـان)، ’سـر ڪـيڏارو‘ (3 داستان)، ’سـر سسـئـي آبـري‘ (4 داسـتان)، ’سـر مـعذوري‘ (4 داستان)، ’سـر ڪـوهياري‘ (4 داستان ۽ ٽيهه اکري)، ’سـر مـومـل راڻو‘ (2 داستان)، ’سـر جـوڳ/ رامـڪـلـي‘ (7 داستان ۽ ٽيهه اکري)، ’سـر لـيـلا چنيـسـر‘، ’سر ڌناسري‘ (6 داستان) ۽ ’سر مارئي‘ (6 داستان) تي مشتمل آهي. رسالو ڊيمي سائيز جي 267 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جو پهريون ڇاپو 2011ع ۾ ڇپيو، رسالي جي قيمت ڄاڻايل نه آهي.


لفظ راضي فقير جو رسالوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو